ڄام مهر علي جوکيو

ڄام مهر علي جوکيو: هي ڄام مهر علي ڄام بجار جو پوٽو هو. سنڌ ۾ انگريزن جي چرپر تيز ٿي، تڏهن ڄام مهر علي ٽالپرن جي مدد ڪئي. بعد ۾ سيٺ نائون مل جي سمجهائڻ تي ڄام انگريزن سان وفاداريءَ جو اعلان ڪيو. هن فوج توڙي عملي جي واهپي لاءِ هزارين اُٺ مهيا ڪيا ۽ اهو سڀ ڪجهه تنهن مهل ڪيو ويو، جڏهن ٽالپر اميرن دوستيءَ جي ڍونگ هيٺ حقيقت ۾ پنهنجي سموري طاقت انهيءَ ڳالهه تي خرچ پئي ڪئي ته ڪنهن به صورت ۾ برطانوي فوج جي چرپر کي روڪيو وڃي، تنهنڪري ڄام طرفان مليل وقتائتو سهڪار انگريز فوج لاءِ ڏاڍو ڪارائتو هو. ان دؤر ۾ انگريزن سندس انجام ڏنل خدمتن کي مڃيندي ڄام کي هڪ هزار رپيا انعام پڻ ڏنو. ڄام انهيءَ وقت کان وٺي جنگ جي شروع تائين، برطانيا لاءِ پنهنجي خدمتن جو سلسلو جاري رکيو. هيءُ ڪڇ ۾ دشمني جي شروعات، ڪابل ۾ تباهيءَ جي نتيجي وقت اتر سنڌ ۽ افغانستان ڏانهن فوج موڪلڻ لاءِ لڳاتار ايندڙ برطانوي فوج جي ڪيترن دستن جي کاڌي پيتي ۽ ڊاٻي لاءِ سوين اُٺ مهيا ڪندو رهيو. ڪيپٽن پريڊي 1847ع ۾ لکيو ته فبروري 1843ع جي شروع ۾ ٽالپر اميرن ڄام کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي قبيلائي فوج کي گڏ ڪري ۽ ڪرمتين ۽ جوکين جي اتحاد سان ڪراچيءَ شهر کي پنهنجي قبضي ۾ وٺي ۽ جيڪڏهن ممڪن ٿي سگهي ته برطانوي فوج کي سندن ڇانوڻين مان هڪلي ڪڍي، ڄام پنهنجي فوجي ماڻهن کي گڏ ڪيو پر مياڻيءَ جي جنگ ۾ برطانوي فوجن جي فتح واري خبر ٻڌڻ سان ئي سندس جوش ڪافور ٿي ويو.


لفظ ڄام مهر علي جوکيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو